شهاب الدين بخاريءَ جو مقبرو

شهاب الدين بخاريءَ جو مقبرو (ماڳ): شهاب الدين بخاري پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ بزرگ هو. سمن جي دور ۾ ٽلٽيءَ ۾ رهائش ڪيائين. ان خطي ۾ ديني تعليم سرانجام ڏنائين. سندس مزار تي 1952ع ۾ مقبرو اڏايو ويو. هيءُ مقبرو، ضلعي ڄامشوري، تعلقي سيوهڻ جي ديهه ٽلٽيءَ ۾ ، "17'3126 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ "44'4967 ڊگريون اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي موجود آهي. مقبري جو دروازو اوڀر طرف آهي، مهاڙيءَ جي ٻيڙ ٻني تي برجون ٺهيل آهن، گنبذ نيل سان ٺهيل آهي، مهاڙي اڇي ۽ ڪاري رنگ جي ڪاشي ۽ ماربل جي سرن سان سينگاريل آهي. ڪنڊن تي ڇت تائين جوڙ ڪنڊون ٺهيل آهن. مقبرو چؤڌاري آئينن ۽ رنگ روغن سان سينگاريل آهي. مقبري اندر ٽي قبرون آهن، هي مقبرو 18 صديءَ جي اڏاوت جو هڪ شاهڪار نمونو آهي. هن درگاهه تي ڪيترائي ماڻهو روز حاضري ڀرڻ ايندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو